آپريشن ضرب عضب، 24 دهشتگرد مارجي ويا، ٺڪاڻا تباهه

راولپنڊي/ پشاور/ خيبر ايجنسي/ سوات (م.ڊ) پاڪ فوج جو دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري، دته خيل ۽ وادي تيره ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن جي بمباري ۽ سوات ۾ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين ۾ 4 2 دهشتگرد مارجي جڏهن ته 6 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، خيبر ايجنسي جي وادي تيراه ۾ طالبان جي 2 ڌڙن ۾ چڪرين دوران 3 ويڙهاڪ مارجي جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا. آ، ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جو آپريشن ضربِ عضب ڪاميابسان جاري آهي. دته خيل ۾ تازي هوائي ڪاروائي ۾ 1 1 شدت پسند مارجي ويا. آ، ايس پي آر موجب ڪاروائي ۾ 2 ٺڪاڻا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. ان کان پهريان خيبر ايجنسي جي وادي تيراه ۾ جيٽ جهازن جي بمباري سان 0 1 شڪي شدت پسند مارجي ويا. سرڪاري ذريعن موجب جيٽ جهازن وادي تيراه جي مختلف علائقن ۾ شدت پسندن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، ڪاروائي ۾ چار ٺڪاڻا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، جيٽ جهازن ٽي ٽي پي جي شدت پسندن کي نشانو بڻايو. سوات جي تعلقي چار باغ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ شدت پسندن وچ ۾ ٿيل چڪرين ۾ 3 شدت پسند مارجي ويا، چڪرين ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيو. برطانوي نشرياتي اداري موجب ٿاڻي چار باغ جي محرر ٻڌايو ته واقعو چار باغ جي علائقي منگلنان جي ڳوٺ خدنگ ۾ پيش آيو ۽ اتي سرچ آپريشن دوران چڪريون ٿيون. ياد رهي ته چار باغ ۾ هڪ هفتو اڳ تعمير هيٺ پوليس اسٽيشن کي ڌماڪي سان اڏايو ويو هو جنهن سان عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي هئي. پوليس موجب ٿاڻي جي تعمير هيٺ عمارت ۾ 2 ڌماڪا ٿيا هئا جنهن سان عمارت جي ٻي منزل مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. گذريل آچر تي نامعلوم انتها پسندن مٽه ۾ امن ڪميٽي جي هڪ ميمبر کي سندس سرڪاري محافظ سميت قتل ڪري ڇڏيو هو، ڇنڇر واري ڏينهن مينگوره شهر ۾ هڪ پيٽرول پمپ تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. سرڪاري انگ اکرن موجب 4 1 0 2 ع جي 0 1 مهينن ۾ سوات جي مختلف علائقن ۾ امن ڪميٽين جي 3 2 کان وڌيڪ ميمبرن کي نشانو بڻايو ويو. اپر سوات جي قومي جرڳي جي ترجمان فيروز شاهه ٻڌايو ته علائقي ۾ طالبان جا حمايتي موجود آهن جيڪي ٻاهران ايندڙ شدت پسندن کي سهولتون مهيا ڪن ٿا. ٻئي پاسي خيبر ايجنسي جي وادي تيراه ۾ طالبان جي 2 ڌڙن ۾ چڪرين دوران 3 ويڙهاڪ مارجي جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا. آچر ڏينهن نجي ٽي وي موجب سلامي ڪنڊو علائقي ۾ ٿيل اهي چڪريون پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي مهمند ۽ اورڪزئي گروپن وچ ۾ ٿيون، ويڙهه ۾ ٻنهي گروپن جو جاني نقصان ٿيو. خيبر ايجنسي جي علائقي باڙا ۾ چڪرين بعد پابندي مڙهيل لشڪر اسلام جا شدت پسند امر بالمعروف گروپ جي ٽن ڪارڪنن کي اغوا ڪري پاڻ سان تيراه وادي کڻي ويا. بازار ذڪا خيل ۾ رستي ڪناري بم پوريندڙ لشڪر اسلامي جا 2 عسڪريت پسند ذڪا خيل امن لشڪر جي ڪارڪنن هٿان ماريا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *