آپريشن رد الفساد سان گڏ ڪرپشن خلاف به آپريشن ٿيڻ گهرجي : سراج الحق

رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته آپريشن رد الفساد سان گڏ ڪرپشن خلاف به آپريشن ٿيڻ گهرجي. رحيم يار خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته هو ڏکڻ پنجاب ايندو آهي، غربت ۾ واڌ ئي ڏسندو آهي. اڄ نوجوانن وٽ ڊگريون آهن پر هو بيروزگار آهن. سراج الحق چيو ته حڪمران پاناما ڪيس ۾ ملوث هئڻ جي باوجود پاڻ کي پاڪستان جو باني ۽ وارث چئي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ڪلڀوشن جهڙن ماڻهن کي پاڪستان موڪلي ۽ ٻئي پاسي پنجاب جو وڏو وزير واڌو بجلي ڀارت کي ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *