آمريڪي ڊپلوميسي خطي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي:خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته داعش ملڪ لاءِ خطرو آهي، لاهور ۾ داعش جا پمفليٽ ورهائڻ واري عمل کي سنجيدگيءَ سان ڏٺو پيو وڃي، آمريڪي ڊپلوميسي خطي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ ڪو به فرق نه پيو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ قومي سلامتي بابت تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته داعش کي شام جي حڪومت خلاف ٺاهيو ويو هو ۽ اها تنظيم اسلام جي بدنامي جو سبب بڻي آهي. هن چيو ته داعش ملڪ لاءِ خطرو آهي، لاهور ۾ داعش جا پمفليٽ ورهائڻ واري عمل کي سنجيدگي سان ڏٺو پيو وڃي. خواجا آصف چيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، امن ۽ معيشت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. سندس چوڻ هو ته سرحدن تي ڀارتي اڳرائي جو سلسلو هلي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به ريت خطي جي امن لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. خواجا آصف چيو ته سارڪ ڪانفرنس سان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان افغانستان ۾ مداخلت نه ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو ارادو آهي. هن چيو ته آمريڪن ڊپلوميسي خطي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، پاڪستان کي پنهنجي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهــُرجي. بچاءَ واري وزير چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃي، اها ڪارروائي سمورن دهشتگردن خلاف آهي. خواجا آصف چيو ته دهشتگرديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاڪستان روس کان جديد هٿيار خريد ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *