آمريڪي ٽي وي اداڪار مارڪ سيلنگ جو لاش سندس گهر مان هٿ

 

نيويارڪ(شوبز نيوز)آمريڪي اداڪار مارڪ سيلنگ جو لاش سندس گهر مان هٿ، سندس وڪيل ان جي موت جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته آمريڪي خابرو ذريعن ٻڌايو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته سيلنگ خودڪشي ڪئي هجي.مارڪ سيلن جيڪو آمريڪي ٽي وي جي سيريز گلي ۾ پنهنجي ڪردار سبب مشهور هو، ان تي ٻارن سان جنسي زيادتي جون تصويرون رکڻ جي الزام تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو ۽ عدالت ان حوالي سان هلندڙ سال 7 مارچ تي سزا ٻڌائڻ واري هئي.آمريڪي ادڪار 2009ع کان 2015ع تائين ٽي وي سيريز گلي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا، ان تي ڪيس گذريل سال آڪٽوبر ۾ شروع ٿيو هو.ان کي 2015ع ۾ جنسي زيادتي جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙن جون تصويرون رکڻ جي خفيا اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو هو.ان کانپوءِ جاچ ڪندڙن ان جي ليپ ٽاپ ۽ هارڊ ڊسڪ مان هزارن جي تعداد ۾ تصويرون هٿ ڪيون هيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *