آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد جي پاڪستاني اختيارين سان ملاقاتم به طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون .

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان مفاهمتي عمل بابت خاص آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته زلمي خليل زاد پرڏيهي آفيس ۾ وفدن جي سطح تي پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون ڪيون، پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ايڊيشنل سيڪريٽري آفتاب کوکر ڪئي. سندس چوڻ هو ته ملاقات ۾ افغان مفاهمتي عمل جي حوالي سان ٻه طرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڳالهين ۾ پاڪستان وزيراعظم جي نظرئي موجب امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ڌرين سياسي طريقي سان تڪرار جي خاتمي تي زور ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *