آمريڪي سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) آمريڪا پاران والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي شهر تسليم ڪرڻ واري فيصلي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ملڪن سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام آمريڪا پاران اسرائيل ۾ پنهنجو سفارتخانو تل ابيب کان والاريل بيت المقد منتقل ڪرڻ واري معاملي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو ڪو به قدم نه صرف عالمي قانون ۽ سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي هوندي پر اهو مسئلو فلسطين تي ڪيترن ئي ڏهاڪن جي اتفاق راءِ جي به خلاف هوندو. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت اهڙي ڪنهن به قسم جي قدم جي مخالفت ڪري ٿو. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا پاران اهو عمل علائقائي امن ۽ وچ اوڀر ۾ سلامتي کي متاثر ڪندو. پاڪستان پاران چيو ويو آهي ته آمريڪا بيت المقدس جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت متاثر ڪرڻ واري قدمن تان هٽي وڃي ۽ ان معاملي تي سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جو احترام ڪيو وڃي. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد، خودمختيار ۽ مستحڪم فلسطيني رياست جي قيام جو خواهشمند آهي. آمريڪي صدر جي فيصلي تي عرب ملڪن سميت عالمي اڳواڻن پاران شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي. فلسطيني صدر محمود عباس آمريڪي سفارتخانو تل ابيب کان والاريل بيت المقدس منتقلي جي صورت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي سنگين نتيجن کان خبردار ڪيو آهي. سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر ٽرمپ کي چيو آهي ته اهڙا قدم سڄي دنيا جي مسلمانن کي چڙ ڏياري سگهن ٿا. ترڪ صدر رجب طيب اردگان خبردار ڪيو آهي ته والاريل بيت المقدس جي حيثيت مسلمانن لاءِ ڳاڙهي لڪير وانگر آهي ۽ ان حد کي پار ڪرڻ جي صورت ۾ ترڪي، اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا معطل ڪري سگهي ٿو. فرانسيسي صدر، ڊونلڊ ٽرمپ کي چيو آهي ته کيس ڳڻتي آهي ته بيت المقدس جي حيثيت تي ڪو به فيصلو ٻنهي ملڪن جي بنيادي ڍانچي ۾ هئڻ گهرجي. مصر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي شهر تسليم ڪرڻ واري پنهنجي فيصلي تي عمل ڪري ٿو ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. اردن جي شاهه عبدالله چيو آهي ته اهڙو فيصلو امن واري عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ وارين ڪوششن کي ڪمزور ڪندو. حماس جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفارتخاني کي واريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ جو مطلب آهي ته آمريڪا ڳاڙهي لڪير کي پار ڪري رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته والاريل بيت المقدس بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن جو احترام ڪيو وڃي. ٻئي طرف

پاڪستان آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ ۽ آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي جي فيصلي کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي جي فيصلي جي مذمت ڪندي آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هو معاملا خراب ٿيڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري ڇو ته آمريڪي قدم وچ اوڀر جي امن عمل کي تباهي جو سبب بڻجندو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته صورتحال جو نوٽيس وٺي جڏهن ته معاملي تي ترقي طرفان اسلامي سربراهه ڪانفرنس گهرائڻ جي آجيان ڪئي آهي. آمريڪي صدر ممنون حسين مذمت ڪندي آمريڪا کان فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ بڻائڻ جي هر فورم تي مذمت ڪئي ويندي ۽ اميد آهي ته مسلمان دنيا واقعي جو نوٽِس وٺندي. صدر ممنون حسين ترڪ هم منصب سان فون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ صدر صدر اتفاق ڪيو ته آمريڪي صدر جي فيصلي سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام تي ناڪاري اثر پوندو. پرڏيهي وزير خواجه آصف ٽوئيٽر تي بيان ۾ چيو ته آمريڪي طرفان پنهنجو سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ سان رتورت مسلمان دنيا کي وڌيڪ هڪ زخم ملندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *