آمريڪا ۾ ريسلنگ جا مقابلا، سنڌ جي ناري ندا علي جمالي 2 سونا ٻلا کٽي ورتا

لنڊن (اين اين آءِ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف احسن اقبال جي گرفتاري جي مزمت ڪندي ان کي نيب ۽ حڪومت جو ڳٺ جوڙ قرار ڏنو آهي، شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان جي دوستي ۽ سي پيڪ کي مضبوط ڪرڻ واري شخص جي گرفتاري مزمت جوڳي آهي، پاڪستان جي خدمت ڪندڙ شاندار ٽيم جي ٻئي هڪ ميمبر جي گرفتاري سٺي ورايت ناهي، احسن اقبال کي گرفتار ڪرڻ جو مقصد حڪومت جي نااهلي کي عوام اڳيان وائکو ٿيڻ کان روڪڻ آهي، هن چيو ته احسن اقبال پارٽي جي نئين سر تنظيم ۽ سڄي ملڪ ۾ عوام جا مسئلا اٿارڻ لاءِ سياسي سرگرميون ڪري رهيو هو جنهن اڻپوري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي کيس شاباش ملڻ گهرجي ها ان ۾ گرفتاري سياسي انتقام جو مثال آهي، هن الزام مڙهيو ته عمران خان جي حڪومت سياسي انتقام ۾ انڌي ٿي چڪي آهي جن ماڻهن عوام جي ايمانداري سان خدمت ڪئي کين گرفتار ڪري سٺو پيغام نه ڏنو پيو وڃي، حڪومت جي سي پيڪ، عوام، پاڪستان دشمن پاليسين کي وائکو ڪندا رهنداسين، شهباز شريف چيو ته ڪو به جيل ۽ ڪوڙو ڪيس اسان کي عوام جي حقن جو دفاع ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي، حڪومت ملڪ ۽ عوام جي مفادن جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ان لاءِ سياسي انتقام ذريعي ڌيان هٽائڻ ۾ مصروف آهي، حڪومت سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جيل موڪلڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *