آمريڪا ۽ پاڪستان افغان مصلحتي عمل جي مڪمل حمايت ڪن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان ٻئي افغان مصلحتي عمل جي مڪمل حمايت ڪن ٿا هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هي افغان حڪومت تي دارومدار آهي ته هو هن عمل کي جاري رکڻ گهري ٿي يا نه هن چيو ته بين الاقوامي برادري کي افغانستان جي صورتحال تي ڳڻتي اهي ۽ ڪائي به عالمي طاقت افغانستان ۾ جنگ کي پسند نٿي ڪري هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جو حامي آهي سرتاج عزيز چيو ته طالبان سان رابطي جي حوالي سان افغان حڪومت اڃا تائين پاڪستان سان ڪوئي رابطو ناهي ڪيو هڪ سوال تي هن چيو ته جيتوڻيڪ طالبان پاڪستان جو ڪجهه اثر رسوخ آهي جڏهن ته ان مٿان اسان جو ڪوئي ڪنٽرول نه آهي طالبان سان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو افغان حڪومت کي ڪرڻو آهي ۽ اسان سلسلي ۾ فقط سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان جو موقف چٽو آهي ته هو پنهنجي سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *