آمريڪا کي اڏا ڏيڻ سان پاڪستان وري دهشتگردن جو هدف بڻجندو: عمران خان

واشنگٽن (اين اين آءِ) وزيراعطم عمران خان چيو آهي ته طاقتور آمريڪا 20 سالن ۾ افغانستان اندر جنگ نه کٽي سگهيو ته پاڪستان ۾ اڏن سان ڪيئن ممڪن آهي، جيڪڏهن آمريڪا کي افغانستان جي خلاف هوائي اڏا ڏنا ويا ته پاڪستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردي وڌندي افغانستان ۾ جنگين دوران پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو. 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين پنهنجون حياتيون وڃايون آمريڪا پاڪستان کي 20 ارب ڊالر امداد ڏني پاڪستاني معيشت کي 150 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو اسان اڳ ئي ڳري قيمت ادا ڪري ڇڏي هاڻي وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون. پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به ڌڙي جي حمايت نٿو ڪري. افغان عوام جي فيصلي سان ٺهندڙ حڪومت جي تائيد ڪندو. افغانستان ۾ مسئلي جو ڪوئي فوجي حل نه آهي اميد آهي ته افغان حڪومت به ڳالهين ۾ وڌيڪ نرمي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان تي الزام لڳائڻ بند ڪيا ويندا آمريڪي اخبار (واشنگٽن پوسٽ) ۾ لکيل پنهنجي آرٽيڪل ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان افعانستان ۾ امن لاءِ آمريڪا سان پاٽنر بڻجڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي وڃڻ کان پوءِ اسان ڪو وڌيڪ تڪرار جو خطرو نه کڻنداسين هن لکيو ته جيڪڏهن پاڪستان افغانستان ۾ بم وسائڻ لاءِ آمريڪا کي اڏا ڏيڻ تي راضي ٿئي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ افغان گهرو ويڙهه ٿئي ٿي ته دهشتگرد بدلو وٺڻ لاءِ ٻيهر پاڪستان کي نشانو بڻائيندا جنهن جي اسان سٽ نٿا سهي سگهون هن چيو ته اسان پهريان ئي ان ۾ ڳري قيمت چڪائي آهي. جيڪڏهن امريڪا افغانستان ۾ 20 سال رهڻ کان پوءِ به جنگ کٽي ناهي سگهيو ته پاڪستان ۾ اڏا قائم ڪري ڪيئن کٽي سگهندو وزيراعطم لکيو ته افغانستان جيڪو ڊگهي عرصي تائين ڏکيائين کي منهن ڏيندو رهيو آهي، ان ۾ اسان جا هڪ جيترا مفاد آهن اسان چاهيون ٿا ته اتي تڪرار جو سياسي حل نڪري استحڪام، اقتصادي ترقي ٿئي ۽ دهشتگردن جي ڪائي پناه گاهه نه هجي هن چيو ته اسان افغانستان ۾ ڪنهن به عسڪري طاقت جي اقتدار سنڀالڻ جي خلاف آهيون جنهن سان وڌيڪ گهرو ويڙهه جنم وٺندي ڇو ته ڪوئي هڪ گروه سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي حاصل نٿو ڪري سگهي ۽ اهو ته ڪنهن به حڪومت جي ڪاميابي لاءِ طالبان جي شموليت ضروري آهي. آمريڪي ڊرون حملا جنهن جي خلاف مان خبردار ڪيو هو جنگ نه کٽي سگهيا جڏهن ته ان جي ڪري امريڪين لاءِ نفرت پيدا ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي خلاف دهشتگرد گروپن جو انگ وڌيو هن چيو ته رڳو هڪ صوبي خيبرپختونخواه ۾ 500 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير آهن جيڪڏهن افغانستان ۾ مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ بدران وڌيڪ گهرو ويڙهه ٿي ته وڌيڪ پناهگير ايندا ۽ اسان جي سرحدي علائقن ۾ غربت وڌندي اسان تاريخي طور تي کليل سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم اٽڪل مڪمل ڪري ورتو آهي وزيراعظم پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جا مفاد هڪ آهن، اسان ڳالهين جي ذريعي امن چاهيون ٿا نڪي گهرو ويڙهه اسان دهشتگردي جو انت ۽ استحڪام چاهيون ٿا اسان اهڙي معاهدي جي حمايت ڪيون ٿا جيڪو گذريل ٻن ڏهاڪن دوران افغانستان ۾ ترقي جي نگهباني ڪري ۽ اسان اقتصادي ترقي ۽ پنهنجي معيشت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ وچ ايشيا ۾ رابطا ۽ واپار چاهيون ٿا جيڪڏهن افغانستان ۾ وڌيڪ گهرو ويڙهه ٿئي ٿي ته اسان سڀني کي ان مان نقصان ٿيندو اهو ئي سبب آهي ته اسان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي پهريان آمريڪين ۽ پوءِ افغان حڪومت سان ويهڻ لاءِ وڌيڪ حقيقي سفارتي ڪاوش ڪئي آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن طالبان عسڪري فتح جو اعلان ڪرڻ جي ڪوشش ڪند ته ان سان نه ختم ٿيندر رتوڇاڻ ٿيندي اسان کي اميد آهي ته افغان حڪومت ۾ به ڳالهين ۾ وڌيڪ نرمي جو مظاهرو ڪندي ۽ پاڪستان تي الزام هاڻي نه لڳايا ويندا. وزيراعظم پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو ته مون کي يقين آهي ته علائقائي واپار ۽ اقتصادي رابطن جي ترقي، افعانستان ۾ جٽادار امن سلامتي جي ڪنجهي آهي وڌيڪ فوجي ڪارروائي جو ڪوئي فائدو نه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *