آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ غلط خبرون آيون هيون، 70 غير قانوني پاڪستاني آمريڪا مان واپس ايندا،. آمريڪي ويزا جي حوالي سان آمريڪا سان گڌيل تعاون چاهيون ٿا، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، جڏهن ڳالهيون ناڪام ٿينديون آهن ته اسان کي قرباني جو ٻڪر بڻايو وڃي ٿو، طالبان آمريڪا سان سڌيون ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، افغانستان کي آمريڪا هلائي رهيو آهي، اڄ پيسا بند ڪري ته افغان حڪومت نٿي هلي سگهي، افغان ۽ ڀارتي بارڊر تي حالتون ٺيڪ نه آهن، اڱاري تي قائمه ڪميٽي کي ڄاڻ ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ويزا پابندي پاڪستاني شهرين تي نه لڳي آهي، 3 آفيسرن تي لڳي آهي، هن چيو ته پابندي گهرو وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري سميت 3 آفيسرن تي لڳي آهي، هن چيو ته آمريڪا ملٽي پل ويزا جي حوالي سان ڪجهه تبديليون ڪيون آهن ان تي ڳالهيون جاري آهن، هن چيو ته اسان انٽرا افغان ڳالهيون چاهيون ٿا، ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪوئيٽا ڌماڪو داتا درٻار ڌماڪو اهي طاقتون ڪرائي رهيون آهن جيڪي پاڪستان جو مخالف آهن، هن چيو ته جڏهن به امن قائم ٿئي ٿو ته اهڙي طاقتون متحرڪ ٿي وڃن ٿيون، وفاقي وزير چيو ته ڪويت ۽ پاڪستان جا لاڳاپا بهتر رهيا آهن، 2005 جي زلزلي ۽ ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ جي پريشر ۽ پلواما تي ڪويت پاڪستان جو ساٿ ڏنو، جڏهن ته ڪويت سان لاڳاپن ۾ ڪجهه  عرصي تائين گيپ رهيو، هن چيو ته 18 ۽ 19 مئي تي ڪويت جو دورو ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *