آمريڪا لاءِ قوم جي مفادن کي ڇو قربان ڪريون: عمران خان

ايبٽ آباد: (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجي سڏ تي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو اسلام آباد ايندا. آمريڪا جي چوڻ تي قوم جي مفادن کي قربان نٿا ڪري سگهون، عوام کي پنهنجي حقيقي آزادي جي جنگ وڙهڻ لاءِ اچڻو پوندو.  اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان شهباز شريف کي ڊڄڻو ۽ ڦورو قرار ڏيندي چيو ته آمريڪي سازش جو حصو بڻجي چونڊيل حڪومت کي هٽايو ويو، اسان جي مٿان ويٺل ڦورن کي قوم ڪڏهن به نه مڃيندي. منهنجي سڏ تي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو اسلام آباد ايندا. هن چيو ته اسان ڪنهن جا جوتا پالش ڪرڻ وارا نه بڻجنداسين. سياسي لوٽا جيڏانهن ويندا ضمير وڪرو ڪندڙ چور ۽ غدار جا نعرا لڳندا. عمران خان چيو ته نئين حڪومت ڪجهه ڏينهن ۾ مهانگائي ڪيتري وڌائي ڇڏي. ڪنهن ميڊيا واري دڪانن تي مائيڪ کڻي وڃي پڇيو؟ اسان جي حڪومت ۾ ته مهانگائي جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي ميڊيا وارا دڪانن تي وڃي انٽرويو شروع ڪري ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڪيڏانهن ويو نئون پاڪستان. هن چيو ته شهباز شريف خاندان مٿان چاليهه ارب رويپن جا ڪيس آهن. مون ڪنهن کي شريف خاندان جيان ڪوڙ ڳالهائيندي ناهي ڏٺو. مريم نواز چوي ٿي منهنجي لنڊن ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت ناهي، جڏهن ته سندس نالي تي لنڊن ۾ ملڪيت نڪري آئي، هڪ چپڙاسي جي اڪائونٽ مان ڪروڙين روپيه شهباز شريف جا نڪتا. هنن جي خلاف جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي آفيسرن کي ڪڍيو ويو جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڇا ڪنهن جمهوريت ۾ ٿي سگهي ٿو.  عمران خان چيو ته اسان غيرتمند قوم آهيون. اسان بوٽ پالش ڪندڙن ۽ آمريڪا جي غلامن سان گڏ نٿا هلي سگهون. اسان ڪنهن جا به بوٽ پالش نٿا ڪري سگهون. هي قوم قائداعظم جي پاڪستان لاءِ تيار آهي. جڏهن اسان 20 لک ماڻهو وٺي اسلام آباد پهچنداسين ته سڀني کي نئون پاڪستان نظر ايندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *