آمريڪا سدائين پاڪستان کي استعمال ڪيو، افغانستان ۾ مشن غلط ۽ بي مقصد هو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کي سدائين پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪيو ۽ جڏهن، جتي آمريڪا کي اسان جي ضرورت پئي ته آمريڪا لاڳاپا قائم ڪيا ۽ پوءِ ڇڏي ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته راند سان سلهاڙيل رهڻ بدران چيلينجنگ شعبي جي چونڊ ڪئي، چيلينج قبول نه ڪرڻ ڪمزور جي نشاندهي آهي، راند جو ميدان ڇڏڻ کان پوءِ آئون سڀ کان پهريان ڪينسر اسپتال بڻائي، عطين جي مدد سان ٻه ڪينسر اسپتالون بڻايون، ڪمزور طبقي لاءِ عطين جي مدد سان به يونيورسٽيز تعمير ڪيون آهن. هن چيو ته آئون 21 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي ۽ سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ملڪ کي ڪرپٽ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪيو، 22 سال جدوجهد ڪئي ۽ وزيراعظم ٿيس. عمران خان چيو ته مون کي يقين آهي ته ملڪ ڪرپشن سبب غريب ٿيندا آهن ۽ جيڪي ملڪ طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ناهن آڻيدا اهي تباهه ٿي ويندا آهن، منهنجي پارٽي جو منشور ملڪ ۾ قانون جي حڪمران ۽ فلاحي رياست جو قيام آهي. هن چيو ته جڏهن حڪومت بڻائي ته اسان جي ترجيح ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري هئي. افغانستان بابت وزيراعظم جو چوڻ هو ته افعانستان جي تاريخ ڄاڻان ٿو، سدائين چيو ته افعان مسئلي جو فوجي حل ناهي ڇو جو افعانستان جو عوام پرڏيهي حڪمران قبول ناهي ڪندو، آئون پهرين ڏينهن کان افغانستان جي فوجي حل جو مخالف هيس جڏهن ته آمريڪين افغانستان جي تاريخ پڙهي ئي ناهي، جيڪي افغانن جي تاريخ کان واقف آهن اهي اهڙا قدم ڪڏهن به نه کڻن ها جيڪي آمريڪا کنيا. سندس چوڻ هو ته اساما بن لادن جي مارجڻ کان پوءِ آمريڪا جو مشن ختم ٿي وڃڻ گھرجي ها، جيڪڏهن مقصد واضح نه هجن ته ناڪامي ٿيندي آهي ۽ آمريڪا جا افغانستان ۾ مقصد واضح نه هئا. پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي وزيراعظم چيو ته اُهو به وقت هو جڏهن پاڪستان جا آمريڪا سان دوستانا لاڳاپا هئا ۽ جڏهن پاڪستان جي ضرورت نه رهي ته آمريڪا پاڪستان کان پري ٿي ويو، بعد ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جا دوستاڻا لاڳاپا وري بحال ٿي ويا، اڳوني سويت يونين جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جو دوست بڻجي ويو ۽ آمريڪا ان وقت اسان جي مدد ڪئي پر سوويت يونين جي افغانستان مان ويندي ئي آمريڪا پاڪستان تي پابندي لڳايون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *