آمريڪا سان نارمل لاڳاپا چاهيون ٿا، افغانستان جي صورتحال پريشان ڪندڙ آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، هن فون نه ڪئي، هو مصروف شخصيت آهي. آمريڪي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي صورتحال پريشان ڪندڙ آهي ۽ افغانستان ۾ افراتفري ۽ پناهگيرن جي مسئلن جو خدشو آهي، افغانستان دهشتگردي کي به منهن ڏئي سگهي ٿو، اڳتي افغانستان ۾ ڇا ٿيندو اڳڪٿي نٿو ڪري سگهان. هن چيو طالبان چاهين ٿا ته عالمي برادري انهن کي تسليم ڪري، اسان کي طالبان جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، افغانستان کي ٻاهر کان ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، افغانستان هن وقت تاريخي موڙ تي آهي، اسان کي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي. سندس چوڻ هو ته افغان عورتن کي وقت تي حق ملي ويندا، اهو سوچڻ غلط آهي ته ڪو ٻاهران اچي افغان عورتن کي حق ڏياري سگهي ٿو، افغان عورتون مضبوط آهن، کين وقت ڏيو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري وٺنديون. آمريڪي صدر سان گفتگو جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کانپوءِ آمريڪي صدر سان ڳالهه ناهي ٿي، جو بائيڊن فون ناهي ڪئي، هو مصروف شخصيت آهي. وزيراعظم عمران خان اهو به چيو ته مان جيڪڏهن نائن اليون وقت وزيراعظم هجان ها ته آمريڪي حملي جي اجازت نه ڏيان ها. لاڳاپن جي حوالي سان هن چيو ته آمريڪا سان نارمل لاڳاپا چاهيون ٿا، زميني حقيقتن کان آمريڪا جي لاعلمي پاڪستان تي عدم اعتماد جو سبب آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *