آمريڪا جو پاڪستان تي افغان امن لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور، پاڪستان ڊو مور کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ)امريڪي سفير ڊيوڊ هيل چيو آهي ته  ڀارت تي پ اڪستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو آهي پاڪستان ۽ امريڪا جي وچ ۾ ٽريڪ ٽو جي ڳالهين جي چوٿين دور ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ مقرر امريڪي سفير ڊيوڊ هيل چيو ته پاڪستاني قيادت   افغآنستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون وڌائڻ جو يقين ڏياريو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان دهشتگردن جي خلاف فيصلائتي ڪاروائي ڪري، ٽرمپ انتظاميا ڀارت کان افغآنستان ۾ اقتصادي سطح تي ڊو مور جو مطالبو ڪندي ان تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان سان لاڳاپا بهتر بڻايا وڃن امريڪي سفير چيو ته اسانکي  طالبان تي  ان وقت تائين دٻاءُ جاري رکڻون  آهي جيستائين هو ڳالهين جي بنچ تي نه ٿو اچي ۽ عورتن  جو احترام ۽  اقليتن کي  تحفظ فراهم نه ٿو ڪري، هن چيو  ته ٽرمپ حڪومت   سمورن  هٿياربند گورپن سان هڪ ئي نموني سان منهن ڏيندي، ڊيود هيل خطي ۾ امن جي پالسي تي وضاهت ڪندي چيو  ته امريڪا جي نئين حڪمت عملي علائقائي بنيادن تي آهي جنهن جو مقصد  دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ ۽ اقتصادي خوشحالي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته امريڪا سان اعتماد جي کوٽ   اڄ به برقرار آهي امريڪا جي مشروط  پاليسي سان مفاهمتي عمل کي ڌڪ لڳو، خطي ۾ صورتحال  پيچيده ۽ نئين امريڪي پاليسي تي اختلاف رائي آهي افغانستان ۾ ننشيات ۽ لاقانونيت عروج تي آهي، افغان مسئلن جو الزام پاڪستان تي نه ٿو ڏئي سگھجي، دهشتگردي جي مڪمل پاڙ پٽڻ جي لاءِ انٽيليجنس اهڪار ڪري رهي آهي. ٻنهي ملڪن کي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون ، سومر  تي اسلام آباد ۾  جاري پاڪستان ۽ امريڪا جي وچ ۾ ٽريڪ ٽو جي ڳالهين جي چوٿين  دور ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته خطي ۾ صورتحال پيچيده ۽ نئين امريڪي پالييسي تي اختلاف رائي آهي اسان هڪ مستحڪم ۽ محفوظ افغانستان ڇاهيون ٿان، هڪ روهايل معاشرو مفاهمتي عمل کي مشڪل بڻائي رهيو آهي افغانستان ۾ حڪومت اختلافن جو شڪار جڏهن ته منشيات ۽ لاقانونيت عروج تي آهي تنهن ڪري افغان مسئلن جو الزام پاڪستان تي نه ٿو ڏئي سگھجي هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جا  محفوظ ٺڪاڻا ختم ڪ رڻا پوندا، جڏهن ته پاڪستان جي قربانين جي باوجود به پاڪستان  تي الزام لڳائڻ   افسوس جوڳي ڳالهه آهي . دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ انٽيليجنس تعاون اڻٽر آهي اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان سرزمين ڪنهن به پاڙيسري  ملڪ جي خلاف استعمال ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *