آمريڪا-ايران وچ ۾ ثالثي جي ترديد، ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي آهي: شاهه محمود

نيويارڪ (ڊيسڪ رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا نه پيا ڪريون، بلڪه ڇڪتاڻ جي خاتمي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽيريس، صدر ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀارتي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي آهي، عالمي برادري ڪشميرين کي ڀارتي جبر مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير سلامتي ڪائونسل ايجنڊا تي موجود آهي، سلامتي ڪائونسل ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڪيترن ئي ملڪن کي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا نه پيا ڪريون، صرف ڇڪتاڻ جي خاتمي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاڪستان وچ اوڀر جي بحران ۾ ڌر نه بڻجندو، اسان تڪرار نه پر امن جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *