آمريڪا- ايران تڪرار، پاڪستاني سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيندي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي سر زمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر  رکندي وزير اعظم عمران خان اڄ هنگامي مشاورتي اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ جي سينيئر ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وچ اوڀر جي تازي صورتحال ۽ ايراني هم منصب سان ٿيل ڳالهين بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو ۽ پنهنجي سر زمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو. مشاورتي اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو ويو ۽ ملڪي سياسي ۽ معاشري صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *