آمريڪا افغانستان ۾ شڪست کائي چڪو آهي، اُتان ڀڄڻ جا رستا پيو ڳولي: ن ليگ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ فاٽا جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيتن ۾ اضافي بابت 26 هين آئيني ترميم جو بل پيش ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو جتي فاٽا جي سيٽن ۾ اضافي بابت بل تي بحث ڪيو ويو جڏهن ته هڪ موقعي تي حڪومتي ميمبرن طرفان گوڙ ڪيو ويو.  قبائلي علائقن مان چونڊيل آيل آزاد اميدوار محسن داوڙ آئيني ترميمي بل 2019ع  ايوان ۾ غور هيٺ آڻڻ لاءِ رٿ پيش ڪئي جنهن تي ايوان رٿ جي منظوري ڏني ۽ بل تي بحث شروع ٿيو.  ايوان ۾ ڳالهائيندي مسلم ليگ ن ايم اين اي خواجه آصف چيو ته چئن ڏهاڪن کان خطو دهشتگردي، بدامني جو آستان بڻيل هو، هتي آباد ماڻهن جو ڪو به ڏوهه نه هو، اسان 80 جي ڏهاڪي ۾ فيصلو ڪيو اسان کي هڪ سپر پاور جي پراڪسي ٿيڻو آهي ان جي نتيجي ۾ اسان پنهنجي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جو سامان پيدا ڪيو.  هن چيو ته 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ اسان وري فيصلو ڪيو ته سپر پاور جي پراڪسي جو حصو ٿيڻو آهي جيڪا جنگ سرحد پار وڙهي پئي وئي تنهن کي اسان گهلي پنهنجي در تي آندو ۽ سمورو ملڪ جنگ جي ور چڙهي ويو.  سندس چوڻ هو ته 80 جي ڏهاڪي ۽ 11 سيپٽمبر 2001ع کانپوءِ ٻئي جنگون ٻن فوجي آمرن پنهنجي اقتدار کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڙهيون، هي پاڪستان جي عوام جون جنگيون نه هيون، اقتدار جي پنهنجي ذاتي خواهشن کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ دهشتگردي جي باهه ۾ ڌڪيو ويو.خواجه آصف چيو ته 70 سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو تنهن جو نشانو ڪراچي، فاٽا ۽ سوات ٿيا، اسان جا خوبصورت شهر دهشتگردي جو آستان بڻجي ويا، منشيات ۽ ڪلاڪشنڪوف ڪلچر مان اڄ تائين جان نه ڇٽي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي آزادي وڪرو ڪئي ۽ هڪ سپر پاور جي غلامي قبول ڪري هڪ فرد واحد پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏني، ڪو به قومي مفاد ان سان ڳنڍيل نه هو، افغان جنگ ۾ توهان جو ڪردار ادا ڪيو اهو نالي ماتر جهاد هو، سوويت يونين سان پاڪستان جي ڪابه دشمني نه هئي، اسان کي رڳو شوق هو ته اقتدار کي ڊيگهه ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته 11 سيٽپمبر کانپوءِ افغانستان کي نشانو بڻايو ويو ۽ اڄ 18 سال ٿي ويا آهن، آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي پري تائين ڪاميابي نه ملي آهي، اهي شڪست کائي چڪا آهن ۽ واپسي جو گس ڳولي رهيا آهن، سمورين حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان کي پنهنجي ملڪ جا سمورا وسيلا فٽا جي بحالي ۽ دردناڪ تاريخ کي ميسارڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجن. خواجه آصف چيو ته ايوان نئين تاريخ لکي رهيو آهي، هڪ پرائيويٽ ميمبر جي بل تي آئين جي اهڙي ترميم ڪئي پئي وڃي جيڪا وقت ۽ تاريخ جي گهرج آهي، اها خوشي جي ڳالهه آهي ته ايوان فاٽا جي آواز تي لبيڪ چئي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *