آف شور ڪمپنين جي معاملي جي جاچ ۽ عوام جو پئسو چورائيندڙن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آف شور ڪمپنين جي معاملي جي جاچ ۽ عوام جو پئسو چوري ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن کي سياست سان نه ڳنڍيو وڃي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي ماهرن کان راءِ ورتي وڃي اليٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي هيڪ ٿيڻ جو ڪوئي امڪان نه آهي چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ شدت پسندن کي غلبي جو موقعو نه ملڻ گهرجي اسڪولن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جو فيصلو افغانستان جي حڪومت تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي هڪ انترويو ۾ هن چيو ته اڃا اهو طئي ٿيڻو آهي ته آف شور ڪمپنين جي مالڪن جي اڪائونٽس ۾ ڪيتري رقم رکي وئي آهي، صدر ايسٽ انڊيا ڪمپني جو مثال ڏيندي چيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي دولت لٽي جنهن جي بدلي ۾ ماڻهن کي ڪجهه نه مليو هن چيو ته هن معاملي ۾ تفتيش ماڻهن لاءِ قابل قبول هئڻ گهرجي نيب ۽ وفاقي جاچ ايجنسي هن معاملي جي جاچ ڪري سگهن ٿيون يا عدليه ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آف شور ڪمپني ٺاهڻ ۽ پاڪستان مان قانوني ذريعن سان پئسا موڪلڻ ڏوهه نه آهي هن چيو ته عورتن کي خودمختيار بنائڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي پراپرٽيز جون مالڪ ٿي سگهن ۽ ڪنهن دٻاءُ سبب اهي پنهنجون پراپرٽيز خاندان جي مردن کي تحفي ۾ نه ڏين هن چيو ته قانون ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ موجود آهي ته عورتن کي وراثت ۾ سندن حق ملي جڏهن ته پراپرٽي جي قانونن تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، هن چيوت ها سان ان ڏس ۾ هڪ مهم هلائي رهيا آهيون افغانستان جي حوالي سان هن چيو ته عمران خان ۽  پاڪستان تحريڪ انصاف هميشه افعانستان جي خلاف جنگ جي مخالفت ڪئي صدر چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا افغانستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۾ دلچسپي رکي ٿي جڏهن ته اسڪولن ۾ نياڻين جي تعليم فيصلو افغانستان جي حڪومت تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي هن چيو ته پاڪستان افغانستان مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ شدت پسندن کي غلبي جو موقعو نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان جي جنگ ۾ 2 ٽريلين ڊالر خرچ ٿيا جڏهن ته هي رقم دنيا ۾ غربت گهٽائڻ لاءِ استعمال ٿي پئي سگهي هن وڌيڪ چيو ته طالبان يقين ڏياريو ته افعانستان جي ڌرتي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي جڏهن ته طالبان جي معاملي تي پارليامينٽ ۽ سماج ۾ بحث ٿيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *