آصف علي زرداري ۽ عمران خان هارس ٽريڊنگ جا بادشاهه آهن: مريم اورنگزيب

اسلام ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب آصف زرداري ۽ عمران خان کي هارس ٽريڊنگ جو بادشاهه قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته هارس ٽريڊنگ جا 2 بادشاهه عمران خان ۽ زرداري صاحب آهن، جن سينيٽ اليڪشن سان جيڪو تماشو ڪيو اهو قوم ڏٺو، امپائر جي آڱر تي ڌمال هڻندڙ ۽ ٽوٽو چٻرائيندڙ پارٽي کان به جواب طلبي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جن ماڻهن هارس ٽريڊنگ سان اليڪشن کٽي، ن ليگ ڪابه خريد ۽ وڪرو نه ڪيو آهي ۽ نه ٿيڻ ڏنو آهي، عوام اليڪشن ۾ جواب گهرندو، سندن ڪرپشن تي کين رد ڪري ڇڏيندا. ممڪلتي وزير چيو ته اسان جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جو نوٽيس ورتو، چاهيون ٿا ته اهڙو قانون هجي جو اڳتي ڪو به هارس ٽريڊنگ نه ڪري سگهي. مريم اورنگزيب چيو ته 30 سيٽن واري پارٽي 44 ووٽ کڻي ته خدشا پيدا ٿيندا آهن، اميدوار جو پنهنجي پارٽي ميمبرن کان وڌيڪ ووٽ وٺڻ هارس ٽريڊنگ جي زمري ۾ اچي ٿو، اسان جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن  هارس ٽريڊنگ بابت جاچ ڪري، اليڪشن ڪميشن کي ذميوارن کان جواب طلب ڪرڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن به اداري طرفان حد اورانگهي وئي ته ان جو ري ايڪشن ايندو، آئين تحت سمورن ادارن جو دائرو مقرر آهي ۽ سمورن ادارن کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *