آصف علي زرداري پ پ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڪرپشن جي انتها ڪئي وئي آهي: ذوالفقار مرزا

ڪراچي (اي پي پي) اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا چيو آهي ته جنرل ضياءُ الحق اهو ڪم نه ڪري سگهيو جيڪو آصف علي زرداري ڪيو آهي، هن پاڪستان پيپلز پارٽي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪرپشن جي انتها ڪئي وئي آهي. هن وقت سنڌ جي موجوده ڪابينا پاڪستان جي تاريخ جي ڪرپٽ ترين ڪابينا آهي، گذريل 7 سالن جي حڪومت ۾ مفاهمت جي نالي تي عوام کي بي وقوف بنائي اربين رپيا لٽيا ويا پر عوام ۽ سنڌ جي ترقي جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. ڪالهه پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان جوڊيشري جو انتهائي شڪرگذار آهيان جنهن جي ڪري مان زنده سلامت آهيان، جنهن مون کي ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ کان بچايو. هن چيو ته افواهه هلايا پيا وڃن ته مان حڪومت سان ڊيل ڪري خاموشي سان ملڪي ڇڏي وڃي رهيو آهيا، ان ۾ ڪا به صداقت ناهي، مان جيڪا تحريڪ شروع ڪئي آهي يا جيڪو حق جو آواز اٿاريو آهي اهو نه وڪڻي سگهان ٿو نه اهو ڌٻجي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جي عوام جو آواز آهي ۽ مان سنڌ جو غيرتمند پٽ آهيان ۽ مان واعدو ٿو ڪيان ته مان ٽن چئن هفتن جي جي لاءِ زال جي علاج لاءِ ٻاهر وڃي رهيو آهيان جنهن بعد مان واپس اچي پنهنجي تحريڪ وڏي جوش ۽ جذبي سان اتان ئي شروع ڪندس جتي ڇڏي آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري ڪالهه جيڪو فوج جي حوالي سان لهجو اختيار ڪيو آهي اهو توهين آميز آهي جنهن جي سزا ڦاسي آهي، هو هن وقت اها ئي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي جيڪا ٻولي الطاف حسين ڳالهائي رهيو هو، هاڻ هي به ان جي ئي لائين تي اچي ويو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته پي پي جي گذريل 7 سالن جي حڪومت ۾ ملڪ خاص ڪري سنڌ تباهه ٿي آهي، هر کاتي ۾ ڪرپشن جي انتها ٿي چڪي آهي، نوڪرين کان ويندي تيل ۽ گيس جي رائلٽي جي حوالي سان به سنڌ سان وڏي زيادتي ٿيندي رهي آهي ۽ سنڌ جي زمينن کي مال غنيمت سمجهي لٽيو پيو وڃي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ موجوده سنڌ ڪابينا جهڙي ڪرپٽ ڪابينا ڪڏهن ناهي رهي، ڪٿي به ڪا گورننس نظر نٿي اچي ۽ سنڌ ۾ ميرٽ کي گار سمجهيو وڃي ٿو، ميرٽ جو تصور سنڌ حڪومت مان ختم ٿي چڪو آهي، ڪرپشن جي اها حالت آهي جو شرجيل ميمڻ جي گهران 2 ارب روپيا نڪرن ٿا. هن چيو ته رينجرز سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي ڇاپو هڻي اهڙو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو شهزادو (آصف) بوکلاهٽ جو شڪار ٿي فوج جي خلاف محاذ آرائي ٿي لهي آيو آهي. منظور قادر ڪاڪا هڪ ڪرپٽ ترين ماڻهو آهي، جيڪو سال ۾ صرف شڪار تي 5 ڪروڙ روپيا خرچ ڪندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ذوالفقار مرزا چيو ته پوري سنڌ بند ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڀليل آهي هو ٻيو ته ٺهيو پر لاڙڪاڻي جي ڪينيڊي مارڪيٽ ئي بند ڪرائي ڏيکاري ته مان سياست ڇڏي ڏيندس.گهرو وزير سهيل انور سيال جي حوالي سان پڇيل سوال تي هن چيو ته اهو وزير داخلا نه پر داخلي وزير آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري سان نه منهنجو رابطو ٿيو آهي نه ئي مان رابطو ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ئي بلاول مون سان ڪو رابطو ڪيو آهي، ماڻهو غلط ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بلاول منهنجو چيئرمين آهي ۽ قابل احترام آهي، مان ان جي وڏي عزت ڪندو آهيان ۽ ڪندو رهندس. هن چيو ته مان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي سلام ٿو پيش ڪيان جنهن پنهنجي ڌرتي سان سچي هجڻ جو ثبوت ڏئي پنجاب کي ٺاهيو آهي ۽ عوام جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. خدا ڪري ته ڪو سنڌ کي به اهڙو سي ايم ملي جيڪو سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان سچائي جو ثبوت ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *