آصف علي زرداري جي طبيعت خراب، اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف زرداري جي پمز ۾ طبي چڪاس ڪئي وئي، خميس تي اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبيعت ناساز هئڻ تي ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اسپتال جي 4 ڊاڪٽرن چڪاس ڪئي، ڪارڊڪ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر نعيم، نيورو سرجن ڊاڪٽر عابد فزيوٿراپٽس ڊاڪٽر شرجيل تفصيلي معائنو ڪيو، ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري کي سخت چيلهه ۾ سور آهي، ڊاڪٽرن کيس فزيوٿراپي جي صلاح ڏني آهي، ذريعن موجب ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري لاءِ فزيوٿراپي لاءِ مهانگي مشين آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مشين ايندي ئي سندس فزيو ٿراپي شروع ڪئي ويندي، ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري جي گهر مان سندس استعمال هيٺ شيون ڪارڊيڪ سينٽر ۾ پهچايون ويون، ان کان اڳ آصف زرداري کي سخت پهري ۾ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، اڳوڻي صدر کي بڪتربند گاڏي ۾ پمز ۾ آندو ويو، سيڪيورٽي کان اڳيان رکندي پمز اسپتال جي پوئين گيٽ کان کيس آندو ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *