آصف علي زرداري جو وڏي وزير سان رابطو، صفوران سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري تي شاباش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سيد قائم علي شاهه سان فون تي ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪري جوابدارن جي گرفتاري تي تعريف ڪئي. آصف علي زرداري صفوران سانحي ۾ ملوث چئن جوابدارن جي گرفتاري تي سڪيورٽي ادارن کي ساراهيو. آصف علي زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هدايت ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رکي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *