آصف زردري بلاول هائوس ٻاهران لڳايل بيريئرز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري بلاول هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس جي آس پاس بيريئرز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو اڳوڻي صدر آصف زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي ۾ امن امان سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي آصف زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي بلاول هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس ٻاهران سيڪيورٽي بيريئرز هٽائڻ جو حڪم ڏنو آصف زرداري جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي خدشن جي باوجود بلاول هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس ٻاهران بيريئرز هٽايا وڃن، ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن امن امان جي بابت ٿيندڙ اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز بلال اڪبر طرفان بلاول هائوس ٻاهران بيريئر جي موجودگي تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو جڏهن ته صوبائي گهرو کاتي به اڳوڻي صدر جي رهائشگاهه ٻاهران بيريئر نه هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *