آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر احتساب جي ڄار ۾ ڦاسي چڪا آهن: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا

پنگريو (اين اين آءِ) اڳوڻي سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا چيو آهي ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر احتساب جي ڄار ۾ ڦاسجي چڪا آهن تنهنڪري پيرن فقيرن جي درگاهن تي وڃي پنهنجي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر هاڻي سندن احتساب جو وارو اچي چڪو آهي مان 8 سال اڳ سنڌ ڌرتي جي دشمنن ۽ ظالمن جي خلاف جيڪا جدوجهد شروع ڪئي هئي ۽ اڄ تائين ان جي خلاف وڙهي رهيو آهيان ان جو ڦل ملڻ وارو آهي ۽ هاڻي مهينن ۾ نه پر ڏينهن ۾ عوام کي ڪرپٽ ٽولي مان نجات ملڻ واري اهي پنگريو ويجهو ملڪاڻي شريف ۾ ڪوٺايل مچ ڪچهري کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مان لنڊن ۾ آخري ڌڪو ڏيئي ڇڏيو آهي جنهن جا نتيجا جلد ايندا ۽ سنڌ جي عوام جي ادا ۽ ادي مان جان آجي ٿي ويندي هن چيو ته انور مجيد جهڙو ماڻهو قانون جي چنڀي ۾ آهي اڳ ايئن نه هو هي ڪا ننڍڙي ڳالهه نه آهي انور مجيد کي ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا چيو ته مان اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو ته سنڌ جا ايندڙ ست نسلن جي ڪرپٽ ٽولي مان جند آجي ٿي وڃي ۽ منهنجا سنڌي ڀائرن سک جو ساهه کڻن هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آصف زرداري منهنجو ڇا احتساب ڪندو هن مون تي ۽ منهنجن ڪارڪنن تي 32 ، 32 ڪيس داخل ڪرايا آهن هي وڌيڪ منهنجو وار به ونگو نٿو ڪري سگهي هاڻي سندس احتساب جو وارو اچي چڪو اهي هن چيو ته بدين ضلعي ۾ سخت پاڻي جي کوٽ آهي ۽ اسان وٽ پنهنجن پيارن جي ميتن کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي نه آهي پر سنڌ جي حڪمرانن جون ٽنڊوالهيار ۾ 100 سيڪڙو زمين آباد آهن هي ظلم نه آهي ته ٻيو اڇا آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا آبپاشي آفيسر به حڪمران ٽولي لاءِ غيرقانوني ڪم ڪري رهيا آهن کين ايئن نه ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ انهن آفيسرن کي به جوابده ٿيڻو پوندو ذوالفقار مرزا چيو ته موجوده حڪومت کي اڃا 3 مهينا ٿيا آهن ٽن مهينن اندر ڪنهن جي ڪاڪردگي جو تعين ڪرڻ ممڪن نه آهي هن چيو ته جيڪڏهن آصف زرداري حڪومت هلائي سگهي ٿو ته پوءِ عمران خان ڇو نه حڪومت هلائي سگهندو عمران خان حڪومت به سٺي نموني هلائيندو ۽ احتساب جو سلسلو به جاري رکندو ۽ ڪنهن ڪرپٽ کي نه ڇڏيندو هن چيو ته کيس سنڌ ڌرتي سان پيار آهن سنڌ جي ثقافت جا رنگ نرالا آهن مچ ڪچهرين جو اهتمام ثقافت جو اظهار آهي اهڙين ڪچهرين سان عوام کي پاڻ ۾ ويجهو اچڻ جو موقعو ملو مچ ڪچهري کي لطف علي ملڪاڻي، دلبر سنڌي ۽ ٻين به خطاب ڪيو مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي نالي وارن اديبن دانشورن شاعرن ۽ فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ان کان اڳ  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنڱريو ۾ مختلف برادرين جي تڏي تي وڃي دعا گهري مرزا گروپ جا مقامي اڳواڻ به ان موقعي تي ان سان گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *