آصف زرداري ۽ طاهر القادري ۾ ٽيليفونڪ رابطو، مختلف معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري کي ٽيلي فون ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر رابطامهم تيز ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري کان طبيعت بابت پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ٺيڪ ٿي ويندا پوءِ پنجاب ۾ ڪم ڪنداسين. ٻنهي اڳواڻن موجوده ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ بنهي اڳواڻن وچ ۾ 20 منٽن تائين ڳالهيون ٿيون. آصف زرداري طاهر القادري جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *