آصف زرداري گذريل هفتي دبئي ۾ تنوير زماني سان شادي ڪري ڇڏي: برطانوي ويب سائيٽ جي دعويٰ

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) برطانوي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري گذريل هفتي دبئي ۾ مسلمان عورت تنوير زماني سان شادي ڪري ورتي آهي. شادي جي تقريب سادگي سان ملهائي وئي. شادي اسلامي قانون موجب ڪئي وئي آهي. شاديءَ جي موقعي تي 9 ڪاريون ٻڪريون، 6 ڳئون ۽ هڪ اُٺ جو صدقو ڏنو ويو. تنوير زماني آمريڪي شهري آهي پاره، مين هٽن نيويارڪ ۾ رهندي آهي. زماني ڀٽوکي پيپلزپارٽيءَ جو وفادار سمجهيو وڃي ٿو هن  برطانيا مان عالمي سياست تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هوءَ لنڊن، دبئي، اسلام آباد ۽ مين هٽن ۾ جائيداد جي پڻ مالڪ آهي. زماني کي ڊيموڪريٽڪ طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ هن اوباما جي 2008 جي چونڊ مهم جي حمايت ڪئي هئي. فعال طور تي جوڙڻ ۽ آمريڪي صدر جي صحت جي سار سنڀال بابت بل ۾ به شرڪت ڪئي هئي. ويجهڙ ئي ۾ کيس ڪجهه سببن جي ڪري کيس حفاظتي معاملن ۽ عوامي سياسي اجلاسن ۾ شرڪت کان منع ڪيو ويوهو. آصف زرداري اوباما سان هڪ اجلاس ۾ زماني لاءِ سيڪيورٽي حاصل ڪرڻ ۾ کيس مدد جي درخواست ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *