آصف زرداري کي فوج تي تنقيد سونهين نٿي: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آصف زرداري کي فوج تي تنقيد سونهين نٿي، هو تنقيد ڪرڻ بدران سنڌ ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته آصف زرداري فوج لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي اها هن کي زيب نٿي ڏئي. خواجا آصف چيو ته آصف زرداري تنقيد بجاءِ پارٽي جي ڪارگردگي تي ڌيان ڏئي، آصف زاردري اهڙي وقت بيان ڏنو جنهن وقت فوج ملڪ جي بقا خاطر جنگ وڙهي رهي آهي.هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن سان جنگ وڙهي رهي آهي، اهڙي موقعي تي تنقيد جا ناڪاره اثر پوندا. خواجا آصف چيو ته آصف زرداري جي بيان تي افسوس ٿيو آهي، اڳوڻي صدر کي اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ٿا، آصف زرداري ملڪ جي وڏي اداري خلاف ڳالهايو، جيڪو مناسب ناهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *