آصف زرداري کان پڇو وڃي سري محل ڪيتري ۾ ورتو، ڪرپٽ ماڻهو ڪنهن به پارٽي جو هجي قوم کي ان خلاف اُٿڻو پوندو: عمران خان

تلا گنگ (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري کي به ايندڙ اليڪشن وڙهڻو آهي ۽ اسان توهان کان پڇنداسين ته سري محل ڪيترن پيسن ۾ ورتو، توهان به ڪنهن قطري شهزادي کي پڪڙيو، 21 سالن کان ملڪ تبديل ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، تمام جلد پاڪستان تبديل ٿيڻ وارو آهي، اي ڊي خواجه غلط ڪم نه ڪرڻ نه ڏئي رهيو، سنڌ حڪومت کي ميرٽ وارا آفيسر پسند نه آهن پر ان کي اهي آفيسر پسند آهن جيڪي ان کي مال ڪمائي ڏين، شرجيل ميمڻ 5 ارب جي ڪرپشن ڪئي، پاڪستان ۾ ائين آيو جيئن ورلڊ ڪپ کٽي آيو هجي، نواز شريف جو پاناما ڪيس ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو آهي، ميان صاحب نقل ڪرڻ لاءِ عقل گهرجي، جيستائين اسان گڏجي ڪرپٽ حڪمرانن کي شڪست نه ڏينداسين تيستائين اڳتي نه وڌي سگهنداسين، آچر تي تلا گنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته تمام جلد ملڪ تبديل ٿيڻ وارو آهي. 21 سالن کان ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ هڪ صوبي جي نه پر سڄي ملڪ جي پارٽي آهي، سڄي ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين ڇو ته باقي سموريون پارٽيون صرف صوبن تائين محدود آهن، هن چيو ته اسان کي گهڻو ڪجهه مليو آهي پر اسان فائدو نه ورتو، پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تبديلي آندي آهي، ڪي پي ڪي پوليس کي ٺيڪ ڪري سياسي مداخلت ختم ڪري ايماندار آءِ جي آندوسين، ڇو ته جڏهن آءِ جي ميرٽ تي ايندو ته پوليس به صحيح ڪم ڪندي، ڪي پي ڪي جي پوليس بين الاقوامي پوليس جو مقابلو ڪري ٿي پر سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه کي ان لاءِ تبديل ڪيو ويو ڇو ته هو غلط ڪم ڪرڻ نه ڏئي رهيو هو ۽ پ پ وارن کي ماڻهو اهي پسند آهن جيڪي غلط ڪم ڪري پيسو ڪمائين ٿا، عمران خان چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، هن چيو ته آصف زرداري کان پڇنداسين ته سري محل ڪيترن پيسن ۾ورتو ۽ سوئيزر لينڊ ۾ 7 ملين ڊالر ڪٿان آيا، ان ڪري آصف زرداري توهان به ڪنهن قطر جي شهزادي کي ڳوليو ڇو ته توهان کي به ان جي ضرورت پوندي.

Author: Tariq Sandilo