آصف زرداري ٿر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي پاڻي صاف ڪرڻ واري آر او پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو 60 سالن ۾ ٿر واسين کي صاف پاڻي فراهم ڪري ڪو احسان ناهي ڪيو: آصف زرداري

مٺي (نمائندو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ ٿر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي پاڻي صاف ڪرڻ واري پلانٽ آر او جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پ پ جي شريڪ چيئرمين ٿرپارڪر جي نوجوانن لاءِ واڌو ڪوٽا تحت نوڪرين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 60 سالن ۾ ٿر واسين کي صاف پاڻي فراهم ڪري ڪو احسان ناهي ڪيو. آصف علي زرداريءَ مٺي ڀرسان درگاهه مصري شاهه واري ڀٽ وٽ ريورس آسموس پلانٽ جو افتتاح ڪيو جيڪو ايشيا جو سڀ کان وڏو پاڻي صاف ڪرڻ جو پلانٽ آهي. آر او فلٽر پلانٽ ۾ روزانو 20 گيلن کاري پاڻيءَ کي مٺو بڻائڻ جي صلاحيت آهي جنهن سان مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ٻين شهرن سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن کي مٺو پاڻي حاصل ٿيندو. آر او پلانٽ جي افتتاح دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڄام مهتاب ڏهر ۽ بختاور ڀٽو زرداري موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ٿر ۾ 750آر او پلانٽس مڪمل ڪرڻ بعد گهر گهر تائين مٺي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي جي نوجوانن کي واڌو ڪوٽا تحت نوڪريون ڏئي بيزورگاري جو خاتمو آندو ويندو. هن چيو ته ٿر ۽ هتان جا رهواسي پاڪستان سان گڏ آهن، ٿر پاڪستان جي ڌرتي آهي، 60 سالن ۾ ٿر واسين کي صاف پاڻي فراهم ڪري ڪو احسان ناهي ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته جنهن آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو آهي اهو سولر انرجي تي هلندڙ پلانٽ آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٽيوب ويلز کي به سولر انرجي تي هلايو ويندو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته هڪ سال اندر مٺي ۾ هڪ مثالي اسپتال قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ صحت جون سموريون سهولتون موجود هونديون. وڏي وزير چيو ته ٿر واسين کي سلام هجي جن ارباب غلام رحيم کي لفٽ نه ڪرائي ۽ پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو. ان کان اڳ سنڌ ڪول اٿارٽي ۽ پاڪ او ايس ايس جي عملدارن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي آر او پلانٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آصف علي زرداري جي مٺي آمد سبب حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا ،جڏهن ته ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ بدين ضلعن مان پڻ وڏي انگ ۾ پوليس نفري گهــُرائي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *