آصف زرداري پارڪ لين ڪيس ۾ به گرفتار، حڪومت هلندي نه پيو ڏسان: اڳوڻو صدر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پارڪ لين ڪيس ۾ به گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ٻئي ڪيس ۾ به گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي. آصف علي زرداري احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو ته نيب طرفان پارڪ لين ڪيس ۾ به سندس جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويندو.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پارڪ لين ۽ بلٽ پروف گاڏين جي ڪيسن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ضمانت جون درخواستون واپس ورتيون هيون. اڳوڻو آصف علي زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پهريون ئي گرفتار آهي.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري تي الزام آهي ته هنن پنهنجي ڪمپني پارڪ لين اسٽيٽس پرائيويٽ لميٽيڊ ذريعي 2009ع ۾ اسلام آباد جي مهانگي 2460 ڪنال زمين رڳو 6 ڪروڙ 20 لک رپين ۾ خريد ڪئي جڏهن ته ان جي قيمت 2 ارب رپيه کان به وڌيڪ هئي. اهو سودو پاڪستان ڄائي آمريڪي شهري ناصر خان ذريعي ڪيو ويو جنهن کي آصف زرداري جو فرنٽ مين قرار ڏنو ويو. آصف علي زرداري تي الزام آهي ته هن اڍائي هزار ڪنال زمين زبردستي حاصل ڪئي ۽ 300 خاندانن کي بي دخل ڪيو.   ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مون تي ڪيس نواز شريف ڪيو پر ان کي ايستائين پهچائڻ وارا ٻيا آهن. خانگي ٽي وي چينل جي خاص ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي آصف علي زرداري کان صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان کي ياد آهي ته گذريل سال انٽرويو دوران توهان کان پڇو هو ته مون خبرون ٻڌيون آهن ته توهان گرفتار ٿيندا، ته توهان چيو هو ته ها اچو گرفتارڪيو ۽ اوهان گرفتار ٿي چڪا آهيو ۽ هن وقت پروڊڪشن آرڊر تي آهيو، ڇا توهان کي اندازو آهي ته توهان جي گرفتاري ڪيستائين هلندي؟  آصف علي زرداري صحافي کي جواب ڏيندي چيو ته آئون نٿو سمجهان ته هيءَ حڪومت ئي هلندي، گرفتاري ته ڇا هي حڪومت ئي ايترو نه هلندي. صحافي سوال ڪيو ته حڪومت ته بجيٽ به پاس ڪرائي ڇڏي آهي، جواب ۾ آصف زرداري چيو ته  بجيٽون ته ٿينديون رهنديون آهن حڪومت کي اسان ڪيرائڻ چاهيون ٿا پر پارليامينٽ کي نقصان نٿا رسائيڻ چاهيو، ٿي سگهي ٿو ڪير ٻيو سليڪٽڊ وزير اعظم ٿي پيو يا ڪو وزير سليڪٽڊ ٿئي. صحافي سوال ڪيو ته توهان جيڪو هر هر سليڪٽڊ  لفظ استعمال ڪيو ٿا ته وزير اعظم سليڪٽڊ آهي ته ڇا  پارليامينٽ به سليڪٽڊ آهي؟ آصف زرداري جواب ڏنو ته هان سڀ سليڪٽڊ آهن. صحافي سوال ڪيو ته پوءِ توهان پارليامينٽ کي نٿو ڪيرائڻ چاهيون؟ ان تي هن جواب ڏنو ته پارليامينٽ کي ان ڪري نٿو ڪيرائڻ ڇو جو هي جيڪو سلسلو آهي اسان ان کي ختم نٿا ڪرڻ چاهيون.  صحافي سوال ڪيو ته هي ڪيترائي حڪومتي وزير ايستائين جو عمران خان به چوي ٿو ته جيڪي گرفتاريون ٿيون آهن انهن ۾ اسان جو ڪو به هٿ ناهي آصف زرداري جنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿيو آهي اُهو ته نواز شريف ٺاهيو هو خبر ناهي هي ڇو مون کي ذميوار  ٿا چون.  جواب ۾ اڳوڻي صدر چيو ته هاءِ ڙي خان صاحب جي معصوميت، نه اها ڳالهه چئي سگهجي ته جاچ شروع ٿي هئي پر ان کي ايترو اڳتي وڌائڻ وارا ٻيا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *