آصف زرداري پاران سنڌ حڪومت کي صوبي جي سموري زمين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي صوبي جي سموري زمين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي ته جيئن نه صرف مالڪاڻن حقن جي رڪارڊ کي محفوظ بڻايو وڃي پر ڍل جي وصولي جي نظام کي به سنڌ بئنڪ سان ڳنڍيو وڃي، ان ڪمپيوٽرائيزڊ وصولي سسٽم سان سرڪاري روينيو ڪليڪشن ڪيتري ئي وڌڻ جي اميد آهي. اهڙو اظهار هن گذريل رات وزيراعليٰ هائوس ۾ لينڊ رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ جي زمين جي سموري رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو عمل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪم تي 14 سيپٽمبر 2011 تي 4997.45 ملين رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو جيڪو هلندڙ سال جون ۾ مڪمل ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ مجموعي طور تي 6000 ديهه آهن جن مان اسان 2224 ديهن جي ڊيٽا جي تصديق لاءِ پروسيس ڪيو آهي جنهن مان 1237 ديهه يا 55 سيڪڙو جي تصديق جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٽوٽل 3 ڪروڙ ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آهي جنهن مان 12.539 ملين ايڪڙ عوام جي ملڪيت جڏهن باقي سرڪاري زمين آهي. ان موقعي تي بورڊ آف روينيو ميمبر سيد ذوالفقار شاهه اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته روينيو رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن لاءِ سنڌي سافٽ ويئر تيار ڪيو ويو آهي ڇو ته روينيو جو سمورو رڪارڊ سنڌ ۾ درج آهي ان کان سواءِ ڪمپيوٽرائيزيشن جي عمل ۾ زمين مالڪن جا آڱوٺن جانشان ۽ تصوير به شامل ڪئي ويندي. اجلاس دوران جڏهن اڳوڻي صدر کي ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ 1000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا موجود آهن ته هن چيو ته هو چاهي ٿو ته عورتن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ آءِ ٽي جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ گهرجن. ذولفقار شاهه چيو ته روينيو رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن مختلف مرحلن جيئن اسڪينگ، رڪارڊ جي ترتيب بنائڻ، اسڪيننگ ڪيل رڪارڊ جي معلومات کي ڪمپيوٽر ۾ وجهڻ ۽ پوءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشرن کان ان معلومات جي تصديق ڪرائڻ ۽ ان جي ڪراچي ۾ قائم ڊيٽا سينٽر تي سموري ڊيٽا محفوظ ڪرائڻ شامل آهي جڏهن ته ڪنهن به غير متوقع صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بورڊ آف روينيو حيدرآباد ۾ ڊزاسٽر ريڪوري سينٽر قائم ڪيل آهي جڏهن ته ان کان سواءِ سنڌ ۾ 27 سينٽر قائم ڪيا ويندا ۽ ”سنڌ زمين“ جي نالي سان ان جي ويب سائيٽ به بڻائي ويندي. هن سنڌ ۾ زمين جي مالڪاڻنحقن جي حوالي سان ٻڌايو ته 3.5 ملين ماڻهن وٽ 4.4 ايڪڙ جڏهن ته 267178 ماڻهن وٽ 5 کان 16 ايڪڙ ۽ 105841 ماڻهو 16-16 ايڪڙ زمين جا مالڪ آهن جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته ان مان پتو پوي ٿو ته 90 سيڪڙو هارين وٽ 4-4 ايڪڙ زمين آهي. آصف عل زرداري طرفان روينيو رڪارڊ ۾ موجود خامين بابت ڪيل سوال جي جواب ۾ روينيو بورڊ  جي ميمبر ذوالفقار شاهه ٻڌايو ته سموري لينڊ رڪارڊ جو 29 سيڪڙو شيئر غير تقسيم شده آهي، 19 سيڪڙو سروي نمبر موجود نه آهن، 20 سيڪڙو انٽريون ڪنهن خريدار يا تاجر کان سواءِ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 2 سيڪڙو انٽريون غير تصديق شده ۽ هڪ سيڪڙو ۾ يا ته سروي نمبر غائب هو يا پوءِ ڊپليڪيٽ انٽري ڪئي وئي هئي…

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *