آصف زرداري پاران حڪومتي ۽ پارٽي معاملن ۾ مداخلت تي بلاول ڀٽو ناراض

لاهور(م.ڊ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداراي هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي جا معاملا پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيا آهن بلاول ڀٽو زرداري اختلافن کانپوءِ پاڻ ئي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي جڏهن ته سندس طبيعت خراب نه آهي، پيپلز پارٽي جي ويجهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته بلاول ڀٽو جي ناراضگي کانپوءِ آصف زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر معاملا پاڻ ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن حڪومتي ۽ پارٽي معاملن ۾ تمام گهڻي مداخلت تي بلاول ڀٽو ناراض آهي، بلاول ڀٽو زرداري بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي نائن زيرو جي دوري ۽ اعلانن تي به سخت ڪاوڙيل آهي بلاول ڀٽو زرادري اختلافن کانپوءِ پاڻ ئي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ويجهن ساٿين سندس اختلافن جي تصديق ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *