آصف زرداري پاران ايران_ ڇهه ملڪي معاهدو خطي لاءِ ٽرننگ پوائنٽ قرار

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايران ۽ ايٽمي طاقتن ۾ معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ايران جو ٻين ملڪن سان سهڪار، خطي جي ترقي، استحڪام ۽ امن لاءِ انتهائي اهم  آهي. هڪ جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ايران مٿان پابنديون ختم ٿيڻ ۽ تهران جي 6 عالمي طاقتن سان معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. آصف علي زرداري چيو آهي ته ايران جو ايٽمي طاقتن سان گڏ ويهي مسئلن کي حل ڪرڻ سفارتي ۽ ڳالهين جي ڪاميابي آهي، هي معاهدو خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. آصف علي زرداري چيو ته ايران جو ٻين عالمي طاقتن سان سهڪار خطي جي ترقي، استحڪام ۽ امن لاءِ انتهائي ضروري آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *