آصف زرداري نواز شريف سان ملاقات يا سهڪار کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف عدالتي فيصلي کي ججن جي ڪاوڙ ۽ بغض ڪوٺي پنهنجو جمهوريت دشمن ايجنڊا پاڻ ئي بي نقاب ڪري ڇڏيو، ۽ اسان جي ان موقف جي تصديق ڪئي ته موجوده حالتن ۾ نواز شريف سان ملاقات يا تعاون جو مقصد ان جي ملڪ دشمن سازش جو حصو بڻجڻ جي برابر آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته نواز شريف قوم سان ڊبل گيم ڪري رهيو آهي، هڪ پاسي سندس ڀاءُ ۽ وزير منهنجي خلاف بيان ڏين ٿا، ٻئي پاسي مون سان ملاقات جا پيغام اماڻيا پيا وڃن، قوم ڄاڻي ته منهنجو ايجنڊا سڀني کي معلوم آهي، جمهوريت خلاف ڪنهن سازش جو ڪڏهن به حصو به بڻيو آهيان ۽ نه ئي بڻجندس پر نواز شريف ججن تي حملو ڪري پنهنجو نامعلوم ايجنڊا سڀني جي اڳيان رکي ڇڏيو، عدالت تي حملو آئين تي حملو آهي، آئين تي حملو جمهوريت تي حملو آهي، نواز شريف پنهنجو پاڻ کي قانون ۽ احتساب کان مٿانهون سمجهي ٿو، هن فوج کي پنهنجو غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو ته پنهنجي وزيرن کي فوج خلاف متحد ڪري ڇڏيو، پوءِ عدليا کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ناڪام ٿيڻ تي ججن تي ذاتي حملا شروع ڪري ڇڏيا، نواز شريف جمهوري نظام ناڪام ڪري سياسي شهيد بڻجڻ چاهي ٿو ۽ ڪجهه عالمي طاقتن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، جلد نواز شريف جي جمهوريت دشمن پاليسين تي هڪ چارج شيٽ جاري ڪنداسين، هن چيو ته هڪ پنهنجا وارنٽ نٿو مڃي، هڪ عدالتي فيصلو مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، ٻئي روزانو آئين ۽ قانون جون پٽيون پڙهائيندا رهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *