آصف زرداري سان درگاهن جي گادي نشينن جي ملاقات، سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي مختلف صوفي بزرگن ۽ درويشن جي درگاهن جي گادي نشينن جي هڪ وفد اڄ بلاول هائوس ۾ پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ، وفد ۾ درگاه حضرت لال قلندر شهباز جو گادي نشين محمد رضا شاه سبزواري، درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جو گادي نشين سيد وقار شاه لطيفي، درگاه حضرت سچل سرمست جو گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي، درگاه مٽياري جو گادي نشين پير غلام مجدد سرهندي، درگاه پير ذاڪر شاه سڪرنڊ جو گادي نشين سيد منير شاه، درگاه ويهڙ شريف جو گادي نشين پير شفيق اشرفي ۽ درگاه راڻيپور جو گادي نشين پير فرزند علي شاه جيلاني شامل هئا، ملاقات دوران گادي نشينن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي درگاهن جي سيڪيورٽي صورتحال سميت ٻين مسئلن بابت آگاهي ڏني، ان موقعي تي اڳوڻي صدر آشف علي زرداري ۽ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي جن هميشه انساني رواداري، هم آهنگي، امن ۽ سلامتي جو پيغام ڏنو آهي، اسان ان پيغام کي اڳتي وڌائيندي ملڪ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *