آصف زرداري سان امين فهيم جي ملاقات، وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ کي روڪڻ جو ٽاسڪ مخدوم حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي صدر مخدوم امين فهيم آچر ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان به موجود هو. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف بي اعتمادي رٿ کي روڪڻ جو ٽاسڪ مخدوم امين فهيم کي ڏئي ڇڏيو، مخدوم امين فهيم سان ملاقات کانپوءِ مخدوم امين فهيم جو پير پاڳاري سان رابطو، جلد ملاقات جو امڪان، شهريار مهر چيو آهي ته وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جو خطرو ٽريو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *