آصف زرداري جي هوندي پ پ سان اتحاد ممڪن ناهي: عمران خان

اسلام آباد  (اين اين آءِ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان چيو آهي ته  آصف زرداري جي هوندي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪنهن به قسم جو اتحآد نه ٿو ٿي سگھي. ماڊل ٽائون سانحو سڀني  پاڪستانين جو ڪيس آهي جنهن تي سموريون جماعتون متفق آهن. اقتدار جي جنگ هجي هان ته پ پ ۽ نوازشريف سان هڪ ٿي وڃان هان. دهشتگردي ٽوڙ  جي عدالت ۾ حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائندي عمران خان چيو ته  جيڪا به حڪومت اچي ٿي اها رياست جي وسيلن تي طاقت جي لاءِ استعمال ڪري ٿي ماڊل ٽائون ۾ جيئن گوليون هلايون ويون. اهو عمل ڪنهن قانون مطابق نه هيو. پوليس شريف خاندان جي ذاتي ملازم بڻيل هئي. هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ جيڪو ڪجھه ٿ يو ان جو جمجهوريت ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي، احتجاج ڪندڙ هٿين خالي ه ئا پوليس کان 14 ماڻهن کي مارايو ويو تنهن ڪري  هي سانحو سڀني پاڪستانين جو ڪيس آهي. عمران خان چيو ته نون ليگ وارن اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪ ئي ته اهي چور آهن ته  ٻيا به چور آهن مون تي اليڪشن ڪيمشن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن سميت دهشتگري جا  ڪيس ڪيا ويا، ۽ ڪوشش ڪئي وئي ته ڪيئن ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاري منهن بند ڪرايو وڃي ۽ مان پوئتي هٽي وڃان عمران خان چيو ته اهو تاثر ڌيڻ جي ڪوشش ڪ ئي وئي ته منهنجو ۽  پاناما ڪيس هڪ جھڙو آهي پاناما ڪيس ۾ نوازشريف 30 هزار ڪروڙ رپيا ٻاهر موڪليا منهنجي پيسن ۾ سٺ لک جي فليٽ جي ڳالهه آهي جنهن ۾ سٺ دستاويز پيش ڪيا پر نوازشريف سڄي ڪيس ۾ فقط هڪ قطري خط ڏنو، هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڪنهن کي اها غلط ڦهمي نه هجڻ گھرجي آصف زرداري جي  پ پ جو ڪو چيرمين هوندي اسان  ان سان ڪوبه اتحاد نه ٿا ڪري سگھيون هن چيو ته جيڪڏهن هي اقتدار جي جنگ هجي هان ته پ پ  ۽ نوازشريف سان گڏ ٿي وڃان ها پر هيءَ ڪرپشن جي خلاف جنگ آهي ته زرداري جي پارٽي سان ڪيئن اتحاد ڪريان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *