آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت منظور، هڪ ڪروڙ جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. وفاقي راڄڌاني جي عدالت عاليه ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل 2 رڪني بينچ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته نيب طرفان پراسيڪيوٽر جنرل جهانزيب ڀروانا ۽ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران آصف زرداري جي وڪيل کان سواءِ سندس پٽ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به موجود هو. عدالت ۾ ٻڌڻي جي آغاز تي پمز اسپتال طرفان آصف زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت پڇيو ته ڇا نيب جي رپورٽ ڏسي ورتي آهي. گڏوگڏ ئي چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کي ميڊيڪل رپورٽ زور سان پڙهڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ پڙهڻ شروع ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو، ميڊيڪل بورڊ آصف علي زرداري جو تفصيلي معائنو ڪيو. عدالت ۾ پيش ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻڌايو ته آصف زرداري مختلف قسم جي بيمارين ۾ مبتلا آهي ۽ هن کي دل جي تڪليف به آهي.  ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جوابدار طويل عرصي کان شگر جو مريض آهي جڏهن ته هن جا 3 اسسٽنٽ به وڌا ويا آهن. ميڊيڪل رپورٽ موجب آصف زرداري ٽائپ ٽو ذيابيطس جو مريض آهي، هن کي دل جي تڪليف به آهي جڏهن ته هن کي انجيو گرافي جي ضرورت آهي. عدالت ۾ پيش ڪيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته آصف زرداري کي اسسٽنٽ وجهڻ دوران انجيو پلاسٽي جي ضرورت به پئجي سگهي ٿي ۽ جيل ۾ رهندي هن جو علاج ممڪن ناهي. طبي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته آصف زرداري جو جيل ۾ رهڻ هن جي سِرَ لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو، ان تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته اڳوڻو صدر اسپتال ۾ ئي علاج هيٺ آهي، هن جي معاملي ۾ جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ريفرنس به داخل ڪيو ويو آهي. ان تي چيف جسٽس پڇيو ته ڇا ان رپورٽ کان پوءِ جوابدار کي انهيءَ اسپتال ۾ رکيو ويندو. گڏوگڏ ئي عدالت پڇيو ته ڇا اڳوڻو صدر پنهنجي مرضي سان علاج ڪرائي رهيو آهي، ڇا نيب چاهي ٿو ته آصف زرداري کي قيد ڪري قومي ناڻي مان علاج جاري رکيو وڃي؟ ان تي نيب پراسيڪيوٽر ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو. بعد ۾ پاڪ لين ۽ ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ آصف زرداري جي ضمانت کي منظور ڪندي هڪ هڪ ڪروڙ رپين جا 2 ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان کان سواءِ فريال ٽالپر جي درخواست تي نيب جو جواب نه اچڻ تائين معاملي کي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *