چونڊ سڌاري تي اتفاق راءِ لاءِ تمام سياسي پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي جي وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت چونڊ سڌاري تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ تمام سياسي پارٽين سان مشاورت ڪندي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته پارلياماني ڪميٽي چونڊ سڌاري لاءِ تجويزن جو جائزو وٺندي ته جيئن ايندڙ چونڊن جو وڌيڪ شفاف طريقي سان ٿيڻ يقيني بنائي سگهجي. وفاقي  وزير اسحاق ڊار تحريڪ انصاف جي قيادت تي زور ڀريو ته اها نظام ۾ سڌاري ۽ مسئلن جي حل لاءِ سياسي بالغ نظري جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن طرفان نظام تي تنقيد ۽ الزام لڳائڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد نه ملندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *