آصف زرداري جي دل جو وال بند، سندس پليٽليٽس هڪ لک 35 هزارن تائين پهچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ علاج هيٺ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دل جي وال ۾ ڪلاٽ بڻجي ويو ئي آهي. پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري گذريل هڪ هفتي کان پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ ڊاڪٽرن موجب سندس پليٽليٽس هڪ لک 35 هزارن تائين پهچي چڪا آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو صدر ڪمزوري ۽ شگر سبب هٿن ۾ ڏَڪڻي جي دانهن ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان جي پراڻي اسسٽنٽ سبب دل جي وال ۾ ڪلاٽ به پيدا ٿي ويو آهي. اسپتال ذريعن موجب ڊاڪٽرن آصف علي زرداري لاءِ ٿيليئم اسڪين کي لازمي قرار آهي ۽ سموريون ٽيسٽون ڪليئر ٿيڻ تائين اڳوڻي صدر کي اسپتال ۾ رکڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته نيب راولپنڊي جي حراست ۾ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي 23 آڪٽوبر تي رات چيلهه ۽ گڙدن جي تڪليف سبب پمز اسپتال داخل ڪيو ويو هو. آصف زرداري کي ڊپريشن، جسماني ڪمزوري ۽ گڙدن جي حوالي سان تڪليف آهي، ان سان گڏوگڏ سندس غدود ۾ غير معمولي اضافو به ظاهر ٿيو آهي، جنهن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. پمز اسپتال ۾ آصف علي زرداري جي وارڊ کي ئي سب جيل جو درجو ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) راولپنڊي جي حراست ۾ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *