آصف زرداري جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار، فريال ٽالپر کي ڀاءُ سان هڪ ڪلاڪ ملڻ جي اجازت

اسلام آباد (م.ڊ) اسلام آباد جي اسپتال ۾ داخل اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبيعت دل جي تڪليف سبب وڌيڪ خراب ٿي وئي. فريال ٽالپر کي ڀاءُ آصف زرداري سان ملاقات جي اجازت ملي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان آصف زرداري سان ملاقات جي اجازت لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب طرفان فريال ٽالپر جي درخواست تي ڪوبه اعتراض نه واريو ويو. عدالت پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي پنهنجي ڀاءُ آصف زرداري سان هڪ ڏينهن لاءِ ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي. ٻئي پاسي پمز اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، سندس دل جي تڪليف ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته دل جي تڪليف سبب آصف زرداري کي هلڻ ڦرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، دل جي ڌڙڪن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ دل جي ڀرسان هڪ اوزار لڳايو ويو آهي. اسپتال ذريعن موجب آصف زرداري جي دل جي ڌڙڪن ڪجهه ڏينهن کا وڌي رهي آهي، جڏهن ته سندس هٿن جي ڏڪڻي به وڌي وئي آهي. دل جي تڪليف سبب ڪمزوري به وڌڻ لڳي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *