آصف زرداري جي بيان تي افسوس جو اظهار، سڀني کي گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي: شھباز شريف

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته آصف زرداري جو نوازشريف لاءِ بيان افسوسناڪ آهي پنهنجي بيان ۾ شهبازشريف چيو ته زرداري صاحب اوهان ڄاڻون ٿا ته نوازشريف کي ڪهڙين حالتن ۾ ملڪ مان ٻاهر وڃڻو پيو اسان کي اهڙن ريمارڪس کان پاسو ڪرڻ گهرجي هن چيو ته اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته لاهور ۾ ننڍي چونڊ کان پوءِ پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي مقامي قيادت کان پوءِ ڇڪتاڻ مرڪزي قيادت تائين ويندي نطر اچي رهي آهي جنهن جو تازو مثال شهبازشريف ۽ آصف زرداري جا تازا بيان آهن (ن) ليگ لاهور ۾ فتح کان پو3 خانيوال ننڍي اليڪشن جي سوڀ لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي حمزه شهباز خانيوال ننڍي اليڪشن ۾ سوڀ لاءِ پرعزم آهي هن ليگي اڳاوڻن کي اهم ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *