آصف زرداري جو نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان رابطو، سينيٽ چونڊن کان پوءِ تبديلي سرڪار خلاف محاذ تي به ڳالهيون

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي پارو گرم جي تياري ڪري ورتي آهي ذريعن مطابق جمعي تي آصف زرداري مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نوازشريف ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمانس ان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ سينيٽ چونڊن جي حوالي سان حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ذريعن موجب ڳالهين ۾ سينيٽ چونڊن کان پوءِ تبديلي سرڪار جي خلاف محاذ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو پيپلزپارٽي ذريعن مطابق آصف زرداري اختر مينگل سان به رابطو ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *