آصف زرداري جو فوج خلاف بيان مذمت جوڳو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري جو فوج خلاف بيان قابل مذمت آهي، ڌانڌلي جي الزامن تي نواز شريف استعيفيٰ ڏئي ته اسان به خيبر پختونخوا حڪومت تان مستعفي ٿي وينداسين، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ ميثاق جمهوريت نه ميثاق مُڪ مڪا هو، حڪمران پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ ادارن کي تباهه نه ڪن، ڪرپشن کي خطري جو مطلب جمهوريت کي خطرو آهي، جوڊيشل ڪميشن ۾ وڏيون وڏيون شيون سامهون اينديون. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام (ف)، پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي خيبر پختونخوا ۾ فيصلو ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت مستعفي ٿئي. جيڪڏهن ڌانڌلي تي استعيفيٰ وٺڻي آهي ته پوءِ جڏهن اسان چئي رهيا هئاسين تڏهن ته سامهون نه آيا اسان ته صرف اهو چئي رهيا هئاسين ته جاچ تائين صرف نواز شريف استعيفيٰ ڏئي، هاڻ اسان چئون ٿا ته اسان سان هلو، پهرين وفاقي حڪومت استعيفيٰ ڏئي پوءِ اسان به استعيفيٰ ڏينداسين. هن چيو ته اهي سڀ ڊنل آهن ته اسان ڪي پي ڪي ۾ آزاد نيب بنايو آهي، جنهن ۾ انهن سڀني جا ڪيس اچڻ وارا آهن. عمران خان چيو ته آصف علي زرداري فوج خلاف سخت بيان ڏنو آهي ۽ جمهوريت کي به چيو آهي ته خطري ۾ آهي ۽ گڏ اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ڪپتان سان گڏ ملي وڃون ها ته نواز شريف جي حڪومت هلي وڃي ها ته ان مان معلوم ٿئي ٿو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي اصل ۾ چارٽر آف مڪ مُڪا هو نواز شريف ۽ زرداري وچ ۾. هن چيو ته آصف علي زرداري کي جيل ۾ فوج نه نواز شريف وڌو هو ۽ مشرف ڪڍيو هو ۽ حديبيه پيپر مل ن ليگ خلاف پيپلزپارٽي شروع ڪيو هو. اهو جنرل پرويز مشرف نه ڪيو هو پر مشرف سان اين آر او وٺي سعودي عرب موڪلي ڇڏيو جنهن بعد ٻنهي مڪ مڪا ڪيو ته اهڙي طرح ته اسان ٻنهي وچ ۾ فوج ايندي رهندي، لهذا هڪ ڀيرو اوهان ڪريو هڪ ڀيرو اسان. هاڻ رينجرز ڊي جي چئي رهيو آهي ته سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *