آصف زرداري جو بطور صدر پيپلزپارٽي پارليمينٽرينز نوٽيفڪيشن جاري ، اليڪشن ڪميشن کي به اماڻيو ويو

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمينٽرينز جي صدر طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ان جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي به اماڻي ويئي آهي پيپلزپارٽي پارليمينٽرينز جي صدر مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي کان پوءِ هي عهدو خالي ٿيو آهي پارليمينٽرينز جي جنرل سيڪريٽري راجا پرويز اشرف باضابطه نوٽيفڪيسن جاري ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي نوٽيفڪيشن جي ڪاپي به اماڻي ويئي آهي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي 27 ڊسمبر تي متفقه طور تي ان عهدي لاءِ آصف علي زرداري جو نالو ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *