آصف زرداري جو الطاف حسين سان ٽيليفونڪ رابطو، سينيٽ چونڊ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گذريل رات ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان سان سينيٽ اليڪشن پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي بين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جون موجوده حالتون ان ڳالهه جي تقاضا ڪن ٿيون ته مفاهمت جي سياست ۽ اتحاد ۽ ٻڌي جي ماحول کي هٿي ڏني وڃي الطاف حسين ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو ته پاڪستان سڀني جو آهي ۽ هي سمورين سياسي جماعتن جو حق آهي ته انهن جي ميڊينٽ جو احترام ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن اهي ميرٽ تي پورا لهن ٿا ته کين انتظامي حڪومت ۽ اقتدار حڪومت ۾ انهن کي حصو ڏنوپ وڃي ته اهي پنهنجي عوام جي خدمت ڪن الطاف حسين وڌيڪ چيو ته تضاد عين جمهوري عمل جو حصو آهن جڏهن ته هي ضروري اهي ته جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي اصول تحت اڳيان جا معاملا طئي ڪيا وڃن ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *