آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو، گرفتاري جي نوبت آڻڻ جي ضرورت نه هئي: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ۾ شهباز شريف چيو ته آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن پر منهنجي گذارش آهي ته هو نيب ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي ۽ هر سوال جو جواب ڏيندو رهيو آهي، هن دير جو ڪو به حربو استعمال ناهي ڪيو، ڪاش نيب ان ڳالهه کي ساراهي ها ۽ گرفتاري جي نوبت آڻڻ جي ضرورت نه هئي، ڇو ته جڏهن هڪ شخص پاڻ کي قانون سامهون پيش ڪري ٿو ته اهڙي قسم جو قدم کڻڻ جو جواز ناهي. هن قومي اسيمبلي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي توهان کان سڄي جماعت طرفان ۽ هتي ويٺل مخالف ميمبرن طرفان گذارش آهي ته آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ماضي جي روايت کي برقرار رکيو وڃي، توهان سدائين منهنجا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندا رهيا آهيو ۽ توهان جو ٿورائتو آهيان، توهان جمهوري ۽ پارلياماني روايتن کي جيئرو رکيو، تنهن ڪري آصف زرداري جا به پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو. شهباز شريف او آءِ سي اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ان اجلاس ۾ ويو ۽ پاڪستاني حڪومت جو موقف پيش ڪيو، ڪشمير ۽ فلسطين تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سڄي پاڪستاني قوم ڪشميرين ۽ فلسطنين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آواز بلند ڪندي آهي پر سڄي قوم کي صدمو پهتو ته او آءِ سي جي پڌرائي ۾ ڪشمير جو ذڪر ئي نه هو، اهڙي فورم جي پڌرائي ۾ ڪشمير جو ذڪر نه ڪرڻ افسوس جي ڳالهه آهي ۽ اسان جي ناڪامي آهي، جنهن لاءِ اسان کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو نه ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. هن وزيراعظم جي تازي ٽوئيٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته عمران خان توانائي واري وزير عمر ايوب کي چيو ته مبارڪ هجي توهان لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو پر اهو صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي، ان تي اسپيڪر چيو ته هن ڀيري اسان سٺو رمضان گذاريو، جڏهن ته گذريل رمضان ڏاڍي تڪليف ۾ گذريو هو، جنهن تي شهباز شريف جواب ڏنو ته 31 مئي 2018 کان اڳ مان سڄي قوم کي حقيقت ٻڌائي هئي ته ڏکيائين باوجود نواز شريف جي قيادت ۾ اسان 4 سالن ۾ 11 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي ۽ اهو ان جو ئي نتيجو آهي ته سخت ترين گرمي ۾ حڪومت جي نالائقي باوجود لوڊشيڊنگ نه هجڻ برابر رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *