آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو پر جوابدارن /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 38

ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي شهباز شريف، احد چيما، فواد حسن فواد سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي شروع ٿي ته شهباز شريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب پي ايل ڊي سي جي اڳوڻي سي اي او طرفان ڏنل رڪارڊ کي ريفرنس جو حصو نه بڻايو جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ان جو فيصلو ڪير ڪندو ته رڪارڊ کي ريفرنس جو حصو نه بڻايو ويو آهي. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته ضمني ريفرنس ۾ شهباز شريف کي جوابدار نامزد ڪيو ويو، اسان کي فراهم ڪيل ريفرنس جي 18 واليم ۾ رڪارڊ موجود ناهي، جڏهن ته اسرار سعيد، عارف مجيد بٽ، اڪبر ۽ ڪاشف جي بيانن کي به ريفرنس ۾ شامل نه ڪيو ويو، سندن بيانن جا نقل نه ملڻ انصاف ناهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ضمني ريفرنس جا نقل فراهم ڪيا وڃن، اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، نقل جون ڪاپيون فرد جرم لاڳو ڪرڻ ۾ ته رنڊڪ نه آهن. شهباز شريف جي وڪيل فرد جرم جي مخالفت ڪندي چيو ته قانون تحت ريفرنس جا نقل فراهم ڪرڻ کانسواءِ شفاف ٽرائل ممڪن ناهي، ريفرنس جون ڪاپيون ڏيڻ کانپوءِ ئي فرد جرم لاڳو ڪري سگهجي ٿو.  ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيلن جي نيب پراسيڪيوٽر سان منهن ماري ٿي جنهن تي جج مداخلت ڪندي شهباز شريف جي وڪيلن کي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.  عدالت چيو ته اهو رويو اختيار نه ڪيو، ايئن نه هلندو.  ٻڌڻي دوران فاضل جج شهباز شريف کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيس بابت ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا؟ ان تي شهباز شريف چيو ته مان صحت جي مسئلن باوجود معزز عدالت آڏو پيش ٿيو آهيان، تاريخ ٻڌائيندي ته مان هن ڪيس ۾ بيڏوهي آهيان. شهباز شريف چيو ته مان پنهنجي اختيارن واري دائري کان ٻاهر ناهيان نڪتو، مون ملڪ ۽ قوم جا اربين رپيا بچايا، نيب وڏي جعلسازي ڪئي ۽ اصليت جلد قوم آڏو ايندي. ن ليگي صدر چيو ته مون خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته لطيف اينڊ سنز ڪمپني جي بئنڪ گارنٽي جعلي هئي، قسم کائي چوان ٿو ته هي ڪيس ڪوڙو آهي.ڌرين جي وڪيلن جي دليلن بعد احتساب عدالت شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي آشيانه هائوسنگ اقبال اسڪينڊل ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *