آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۽ رمضان شگر ملز ڪيس: نيب کي شهباز شريف جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۽ رمضان شگر ملز بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد نيب جي وڪيل نعيم بخاري سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرائڻي پوندي. جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي شهباز شريف طرفان اشتر اوصاف ۽ فواد حسن فواد طرفان اعظم تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي شروع ٿي ته اشتر اوصاف عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪجهه اضافي دستاويز جمع ڪرائڻ چاهيندا، دستاويزن ۾ پاور آف اٽارني ۽ ٻيا دستاويز شامل آهن. جسٽس عظمت سعيد چيو ته عدالت اهڙي ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي، جڏهن ته نيب جي وڪيل نعيم بخاري کي مخاطب ٿيندي جسٽس عظمت سعيد چيو ته نعيم بخاري صاحب توهان کي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته هن ڪيس جا ٻه معيار آهن، هڪ اهي آهن جن جي ضمانت ٿي چڪي  آهي ۽ ٻيا اهي جن جي ضمانت نه ٿي آهي، نعيم بخاري جي اڻٿڪ ڪوششن باوجود ٻئي معيار اسان جي ذهن ۾ آهن. جج هدايت ڪئي ته 15 مئي تائين سموريون ڌريون تياري ڪري اچن، اسان توهان جا تفصيل ٻڌنداسين، اسان ڪيس جي حساسيت بابت آگاهه آهيون. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته عدالت کي جوابدارن تي هنيل الزامن تي ٻڌل چارٽ پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *