آسڪر ايوارڊ لاءِ پاڪستاني فلمن جي نامزدگي تمام وڏي ڪاميابي آهي: سهائي علي ابڙو

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سهائي  علي ابڙو چيو آهي ته آسڪر ايوارڊ لاءِ پاڪستاني فلمن جي نامزدگي تمام وڏي ڪاميابي آهي جڏهن ته منفرد موضوعن تي ٺهندڙ ايڪشن، رومانس ۽ مزاح کان ڀرپور فلمون مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجنديون آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي سهائي  علي ابڙو چيو ته آسڪر ايوارڊ تائين پاڪستاني فلمن جو پهچڻ هڪ دور ۾ خواب لڳندو هو پر هاڻ اسان جي فلمن جي نامزدگي ٿي رهي آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن اسان جون فلمون نه رڳو آسڪر ايوارڊ کٽينديون پر اسان جي فنڪارن کي هالي ووڊ فلمن ۾ ڪم جي آڇ پڻ ٿيندي. هن چيو ته نوجوان فلم ميڪر ۽ فنڪار گڏجي هڪ اهڙي ٽريڪ تي اڳتي وڌي رهيا آهن جنهن جي ذريعي جلدي ئي اسان انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين پهچي ويندا سين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فن جي دنيا ۾ فلم هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو ماڻهن جي سڀ کان ويجهو آهي جڏهن ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور فنڪارن جي چاهيندڙن جو وڏو انگ اڄ به موجود آهي، جيڪو سندن ڪم کي پسند ڪندو آهي ۽ متعارف ڪرائيل لباس، هيئر اسٽائل، جيولري، جوتا ۽ ٻين کي اڄ به ساراهيندو آهي. جيڪو هڪ فلم اسٽار جي سڀ کان وڏي ڪاميابي سمجهيو ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *